چالوڪ جي پُل واري جنگ

چالوڪ جي پُل واري جنگ: ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر‘ ۾ غلام رسول مهر ڄاڻائي ٿو ته، هيءَ جنگ ميان عبدالنبي خان ڪلهوڙي ۽ مير بجار خان جي پٽ مير عبدالله خان ٽالپر جي وچ ۾ لڳي. مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر جي بيڏوهه قتل کانپوءِ جڏهن ميان عبدالنبيءَ کي مير عبدالله خان ۽ ٻين ٽالپر سردارن جي اچڻ جي خبر پهتي تڏهن هي اهل عيال سميت وڃي قلات پهتو ۽ اُتي جي حاڪم مير نصير خان بروهيءَ کي عرض ڪيائين ته منهنجي مدد ڪريو، آءُ اوهان کي لکين روپيا خراج طور ڏيندو رهندس. مير نصير خان بروهيءَ پنهنجي فوج پنهنجي ناٺي مير زرڪ جي سرڪردگيءَ ۾ ميان عبدالنبيءَ جي مدد لاءِ ڏني. ميان عبدالنبي بروهين جي فوج سان هڪدم لاڙڪاڻي ۾ پهتو. مير عبدالله خان ٽالپر کي جڏهن اها خبر پئي تڏهن هن پنهنجن ساٿين کي فوج سميت جلد لاڙڪاڻي ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي لشڪر چالڪ جي پُل وٽ اچي سامهون ٿيا. مير عبدالله لشڪر کي لڙائيءَ لاءِ تيار ڪيو ميان صادق عليءَ کي هاٿيءَ تي سوار ڪري مرزي فقير ۽ باگي فقير کي ساڻس همراهه ڪري ميان عبدالنبيءَ جي ٽولي سان وڙهڻ لاءِ موڪليو. مير فتح خان کي نومڙين جي مقابلي ۾ پاڻ مير فتح علي خان ٽالپر ۽ مير سهراب خان ٽالپر سان گڏ بروهين سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿيو. جنگ توبن جي گولن وسائڻ سان شروع ٿي. سخت گهمسان واري جنگ کانپوءِ مير فتح علي خان زخمي هئڻ سبب پوئتي هٽي ويو. عين انهيءَ وقت ميان عبدالنبي، ميان صادق کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو. مير عبدالله جڏهن اها حالت ڏٺي تڏهن مير فتح علي خان ۽ مير سهراب خان کي چيائين ته جان جي بازي لڳائڻ جو وقت اچي ويو آهي، تيار ٿي وڃو. ان کانپوءِ هي اچي بروهين تي ڪڙڪيا ۽ ٿوريءَ دير ۾ دشمن جو لشڪر ڇروڇڙ ٿي ويو. مير زرڪ بروهي، محراب جتوئي، آڍو خان جتوئي ۽ ميان عبدالنبيءَ جا ٻيا ڪيترا سردار مارجي ويا. جنگ ۾ مير عبدالله خان ٽالپر کي فتح حاصل ٿي ۽ گهڻو مال به هٿ آيس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو